بي ايڇ ايلس

بي ايڇ ايلس

بي ايڇ ايلس

بي. ايڇ ايلس: جديد سنڌي رسم الخط جي ڇپائيندڙ سر ايلس بئرو جو اصل نالو بئرو هربٽ ايلس هو. سندس جنم 24 جنوري 1823ع تي لنڊن ۾ ٿيو. سندس والد مسٽر ايس هربرٽ ايلس هڪ شاهوڪار يھودي هو. ايلس بئرو، پرائمري تعليم لنڊن مان حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ هيلبري ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائين. 1843ع ۾ هندستان جي سول سروسز (ICS) ۾ شامل ٿيو ۽ بمبئيءَ ۾ نوڪري شروع ڪيائين. ڊسمبر 1851ع کان 1858ع تائين سنڌ ۾ انتظامي عھدن تي رهيو ۽ کيس سنڌ جي ڪمشنر جو معاون مقرر ڪيو ويو. هو بارٽل فريئر جو اعتماد وارو آفيسر هو ۽ سندس غير موجودگيءَ ۾ سنڌ جي ڪمشنر جا فرض به انجام ڏيندو هو. سنڌ ۾ تعليم کاتي جو انچارج به هو. هُو سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري، ڪتب نويسي، سنڌي رسم الخط، سنڌي درسي ڪتابن جي ڇپائي، سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ سنڌ ۾ اسڪول کولرائڻ، استاد مقرر ڪرائڻ تائين ڪيترن ئي اهم ڪمن ۾ سر بارٽل فريئر سان مددگار/ صلاحڪار طور شامل رهيو. هي بارٽل فريئر کي انتظامي طور بھترين رٿون ڏيندو هو، جنھن جي منظوري هو بمبئي حڪومت کان وٺندو هو. هن سنڌي، عربي لپيءَ کي چوٽيءَ تي رسايو ۽ ترجمي کي ڪامياب بڻايو. موجود رسم الخط جو سَھرو ته بارٽل فريئر تي آهي، جنھن ۾ ايلس ۽ سر فريڊرڪ گولڊ سمٿ جون به ڪوششون شامل هيون. سر ايلس بئرو کي سنڌ جي تعليم جون اضافي ذميواريون سونپيل هيون، ان ڪري هن کي سنڌي رسم الخط تي ڪم ڪرائڻ جو ڪم سونپيو ويو. مسٽر فريئر کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس طرفان حڪمنامو مليو هو ته هو يورپي آفيسرن ۽ مقامي عالمن جي هڪ ڪميٽي جوڙي، جيڪا سنڌيءَ لاءِ صحي رسم الخط ۽ الفابيٽ جوڙڻ جو ڪم ڪري. مسٽر ايلس عربي، سنڌي رسم الخط جو حامي هو، ان ڪري هن دليلن سان فريئر کي راضي ڪري ورتو ته سنڌ ۾ عربي، سنڌي رسم الخط رائج ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ اهڙي ڪميٽي جوڙي وئي، جنھن ۾ چار سنڌي هندو ۽ چار سنڌي مسلمان عالم هئا. هن ڪميٽيءَ جو سربراهه مسٽر ايلس بئرو هو. هن ڪميٽيءَ جون ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون، آخر ۾ارڙهين صديءَ جي سنڌي عالمن جي لکيل عربي رسم الخط جي آڌار تي 52 اکرن تي مشتمل عربي سنڌي رسم الخط تيار ڪيو، جيڪو پوءِ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري طور متعارف ڪرايو ويو. جيتوڻيڪ ايلس عربي، سنڌي رسم الخط جو حامي هو، پر هن ديوناگري لپيءَ جي اصطلاح جو ڪم ڪرايو ۽ ان ۾ درسي ڪتاب شايع ڪرايا. اسڪولن ۾ شاگردن کي به اجازت ڏني وئي ته هو مرضي مطابق عربي يا ديوناگري لپي ۾ تعليم وٺي سگهن ٿا. اهڙي نموني هن عربي ۽ ديوناگريءَ واري تعصب کي به رد ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ ايلس بئرو ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر ۽ سنڌي انگريزي ڊڪشنريءَ کي نه صرف شايع ڪرايو، پر ان جو ديباچو پڻ لکيو. هن اها ڊڪشنري 1855ع ۾ بمبئيءَ مان تعليم کاتي طرفان ڇپائي پڌري ڪئي. ان ڊڪشنريءَ ۾ اٽڪل ويھه هزار سنڌي لفظ ڏنل آهن. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ سان پنڊت برهم سچانند ڊڪشنري ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي هئي. مسٽر ايلس ان کي به وظيفو ڏياريو. عربي سنڌي رسم الخط جي منظوريءَ کان پوءِ هن درسي ڪتاب شايع ڪرايا. ترجمن لاءِ مقابلا ڪرايا ۽ بھترين مترجمن کي انعام ڏياريا. اهي اڪثر ڪتاب درسي هئا، جن ۾ جاگرافي، رياضي، تاريخ، سنڌي نثر ۽ نظم وغيره سڀ اچي وڃن ٿا. 1885ع ۾ هن ’ايسپ جون آکاڻيون‘ جي عنوان سان سنڌيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪري ڇپايو، جيڪو ڪراچيءَ مان ليٿو پريس تي ڇپيو هو. هن ڪتاب جي ترجمي ۾ قاضي غلام حسين سندس مدد ڪئي هئي. هو 9 سال سنڌ ۾ رهيو، جنھن دوران هن ڪيترائي اسڪول کولرايا ۽ استاد مقرر ڪرايا. 1854ع ۾ هن سنڌ جي تعليم تي هڪ رپورٽ تيار ڪئي، جيڪا 1856ع ۾ شايع به ٿي. هن رپورٽ ۾ هن سنڌ ۾ انگريزن کان اڳ تعليمي نظام، سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري طور نافذ ڪرڻ، سنڌي لپيءَ جي باري ۾ ماهرن جا رايا ۽ موجوده الف- ب جي جڙڻ سميت نوان اسڪول کولڻ ۽ درسي ڪتابن جي اشاعت تائين اهم معلومات ڏنل آهي. مسٽر ايلس سنڌ مان بدلي ٿيڻ بعد 1863ع کان 1870ع تائين بمبئي گورنمينٽ ۾ چيف سيڪريٽري رهيو. 1870ع کان 1875ع تائين بمبئيءَ جو ميمبر رهيو ۽ 1869ع کان 1875ع تائين سپريم ڪائونسل آف دي گورنر جنرل جو ميمبر پڻ رهيو. 1885ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرڊ ڪيائين. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ مختلف ادارن سان وابسته رهيو. رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ ميمبر رهيو. اهڙيءَ طرح هن سڄي زندگي جاکوڙ ۾ گذاري. سندس خدمتن عيوض کيس 1875ع ۾ ڪي سي ايس آءِ جي اعزاز سان نوازيو ويو. هن 20 جون 1887ع تي وفات ڪئي. سنڌ جي مشھور محقق ۽ اديب ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پنھنجي هڪ ڪتاب ’سنڌ سياحن جي نظر ۾‘ ۾ پڻ سندس ذڪر ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1823.01.24  عيسوي

جديد سنڌي رسم الخط جي ڇپائيندڙ سر ايلس بئرو جو اصل نالو بئرو هربٽ ايلس هو. سندس جنم 24 جنوري 1823ع تي لنڊن ۾ ٿيو.


1887.06.20  عيسوي

بي ايڇ ايلس 20 جون 1887ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زيب النساء
رضوي سيد بلال شاهه
رشيد چارڻ
ملڪ محسن علي خاصخيلي
ايڊورڊ سعيد
جنجهي غلام محمد
سنڌ سوديشي هوزرِي مل
اياز شاهه
احمد علي خان پتافي
ڄيٺاسنگهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون